سيد قاسم محمود

سيد قاسم محمود

سيد قاسم محمود

سيد قاسم محمود: پاڪستان جو پهريون انسائيڪلوپيڊيسٽ، نامور مترجم ۽ ايڊيٽر، سيد قاسم محمود، 17 نومبر 1928ع ۾، ضلعي روهتڪ جي ’کرکوده‘ علائقي ۾ ڄائو. هن پاڪستان بنجڻ کان اڳ 1947ع ۾، پنجاب يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ ڪئي ۽ پوري پنجاب ۾ پهريون نمبر آيو. هن کي ننڍي هوندي کان ئي ادب سان لڳاءُ هو. ان وقت ٿيندڙ ادبي محفلن ۽ پروگرامن ۾ حصو وٺندو هو. هن 1950ع ڌاري افسانا لکڻ شروع ڪيا، گڏوگڏ بي. اي جي تعليم پڻ جاري رکي. اڳتي هلي مختلف علمي ادبي رسالن: ’همايون‘، ’شاهڪار‘، ’عالمگير‘، ’صحيفه‘ وغيره ۾ ملازمت ڪيائين. هن ڪيتري عرصي تائين ’احياء ادب‘
نالي سان هڪ رسالو پڻ جاري رکيو.
سيد قاسم محمود، 1971ع ۾ قسطوار انسائيڪلوپيڊيا ’معلومات‘، 1975ع ۾ ’شاهڪار ڪتب‘ ۽ قسطوار ’اسلامي انسائيڪلوپيڊياجاري ڪئي. هن عربي، انگريزي، اردو، گجراتي ۽ هنديءَ ۾ قرآن مجيد جا ترجما پڻ ڪيا. ’اسلامي انسائيڪلوپيڊيا‘ ۽ ’انسائيڪلوپيڊيا پاڪستانيڪا‘ تيار ڪري شايع ڪرائڻ قاسم محمود جو اهم ڪارنامو آهي. هنن انسائيڪلوپيڊيائن ۾ سنڌ بابت پڻ اهم معلومات شامل آهي. ان کان سواءِ هن جون ’اسلامي سائنس‘ ۽ ’مسلم سائنس‘ نالي ٻه انسائيڪلوپيڊيائون پڻ شايع ٿيل آهن. هن جي هڪ جلدي ’اسلامي المانڪ‘ انسائيڪلوپيڊيا ۽ ’هماري ڪائنات‘ انسائيڪلوپيڊيا، شاهڪار فائونڊيشن ڪراچيءَ ڇپائي پڌريون ڪيون. هن سائنس مئگزن (طالبعلم) جو ’تاريخ نمبر‘ پڻ شايع ڪيو هو، جنهن کي وڏي مقبوليت حاصل ٿي هئي. سندس 50 سالا ادبي خدمتن جي حوالي سان، فبروري 2009ع ۾ ايوان اقبال لاهور ۾ هڪ شاندار تقريب منعقد ٿي، جنهن ۾ سيد قاسم محمود جي ادبي خدمتن جي مڃتا طور ’بوڪ ڊائجسٽ‘ (ايڊيٽر: مظهر سليم مجوڪه) جو خصوصي شمارو ’سيد قاسم محمود- حيات و خدمات‘ جي عنوان سان پڌرو ڪيو ويو.
سـيد قاسـم مـحمـود جي تيار ڪيل ’سيـرت انسـائيـڪلـوپيـڊيـا‘ ٻن جلدن ۾، الفيصل بڪس لاهور شايع ڪئي آهي. ان کانسواءِ هن ’قرآن انسائيڪلوپيڊيا‘ تي پڻ ڪم شروع ڪيو هو، پر سندس زندگيءَ وفا نه ڪئي ۽ اهو ڪم اڻپورو رهجي ويو. اهڙيءَ طرح هن ’تاريخ انسانيت‘ تي پڻ ڪم جي شروعات ڪئي هئي، پر اهو ڪم پڻ مڪمل نه ٿي سگهيو.
سيد قاسم محمود جا افسانن جا ٽي مجموعا: (1) ’ديوار پٿر ڪي‘،
(2) ’قاسم ڪي ميندي‘، (3) سيد قاسم محمود ڪي افساني ڇپيل آهـن. اهـڙيءَ ريـت سـندس ٻـه نـاول: (1) ’چـلـي دن بـهـار ڪــي‘، ۽
(2) ’پنڊت جلال الدين نهرو‘ (ناوليٽ) پڻ شايع ٿي چڪا آهن.
سيد قاسم محمود، شيڪسپيئر، ٽالسٽاءِ، دوستو وسڪي، ايملي برانتي، چارلس ڊڪنز، ڊارون، فرائيڊ، روٽ بينڊيڪٽ، ڪينٿ واڪر ۽ ٽي. ايس. ايليٽ جي تخليقن جا ڪافي ترجما ڪيا آهن. ان کان سواءِ هن جا ڪافي ڪتاب پڻ ڇپيل آهن، جن ۾: (1) آدم و آدمي، (2) داستان گل گامش، (3) مذهب اور ديوتا، (4) اصول سياسيات، (5) هٽلر کي خفيه زندگي،
(6) داستانِ فرعون، (7) داستان ڊارون، (8) صوفيه لارين ڪي آپ بيتي‘،
(9) اسلام ڪي احيائي تحريڪين- وغيره شامل آهن. سندس هڪ اهم ڪارنامو ’تاريخ مسلم انڊيا‘ 11 جلدن ۾ ڀارت مان ڇپجي پڌرو ٿيو آهي.
سيد قاسم محمود 31 مارچ 2010ع تي لاهور ۾ وفات ڪئي ۽ سندس تدفين اقبال اوينيو، جوهر ٽائون، لاهور ۾ ٿي.


لفظ سيد قاسم محمودھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1928.11.27  عيسوي

اڪستان جو پهريون انسائيڪلوپيڊيسٽ، نامور مترجم ۽ ايڊيٽر، سيد قاسم محمود، 17 نومبر 1928ع ۾، ضلعي روهتڪ جي ’کرکوده‘ علائقي ۾ ڄائو.


2010.03.31  عيسوي

سيد قاسم محمود 31 مارچ 2010ع تي لاهور ۾ وفات ڪئي ۽ سندس تدفين اقبال اوينيو، جوهر ٽائون، لاهور ۾ ٿي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀڳت ٽيئون رام
امير بخش فقير
خوارزمي محمد بن موسيٰ
سيد قائم علي شاهه
ديوان شيوارام ڏيون مل وزيراڻي
جهنڊو پاتڻي
سيد شبير احمد شاهه
عبدالحسين ميمڻ
سبزل خان
پير ميان غلام مجدد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون